آبادي ۾ واڌ جي چئلينج سان منهن ڏيڻ لاءِ قومي ايمرجنسي جي ضرورت آهي: صدر ممنون حسين

اسلام آباد (بيورو) صدر مملڪت ممنون حسين چيو آهي ته آبادي ۾ واڌ جي چئلينج سان منهن ڏيڻ لاءِ قومي ايمرجنسي جي ضرورت آهي، آبادي جي چئلينج سان منهن ڏيڻ لاءِ جنگي بنيادن تي قدم کڻڻا پوندا، پاڪستان کي فيملي پلاننگ پروگرام ۾ سرمائيداري جي ضرورت آهي، صوبا فيملي پلاننگ پروگرام ۾ سروسز لاءِ فنڊ فراهم ڪن، حڪومت ملڪ کي ترقي جي شاهراهه تي گامزن ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي، ملڪ ۾ امن و استحڪام لاءِ اعليٰ معيارِ زندگي ضروري آهي، امنو استحڪام لاءِ نئين نسل کي برابر موقعا ۽ انصاف جي فراهمي ضروري آهي. پاڪستان پاپوليشن ايسوسيئيشن جي 5 1 هين سالانا ريسرچ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن وڌيڪ چيو ته پيدائش جي شرح ۾ واڌ سان مائرن جي موت جي شرح پريشان ڪندڙ حد تائين وڌي وئي آهي. سرڪاري ادارن تي عوام جو اعتماد بحال ڪرڻ لاءِ خود احتسابي جو نظام رائج ڪيو وڃي، آبادي تي ڪنٽرول لاءِ بنگلاديش ماڊل رائج ڪيو وڃڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *