آئي سي سي پاڪ-ڀارت ميچ ڌرم شالا بدران ڪولڪتا ۾ ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

نئين دهلي (اسپورٽس نيوز) عالمي ڪرڪيٽ ڪائونسل (آئي سي سي) ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ 19 مارچ تي پاڪستان ۽ ڀارت ۾ رٿيل ميچ ڌرم شالا بدران ڪولڪتا ۾ ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي، آئي سي سي جي چيف ايگزيڪيوٽو ڊيو رچرڊسن پاڪ-ڀارت ميچ جي حوالي سان پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڌرم شامالا ۾ سيڪيورٽي خطرن سبب پاڪ – ڀارت ميچ هاڻ اتي ڪرائڻ بدران ايڊن گارڊن اسٽيڊيم ڪولڪتا ۾ ڪرائي ويندي،هن چيو ته ميچ کي پرامن بڻائڻ لاءِ ان جو هنڌ گڏيل صلاح مشوري سان مٽائڻ جو فيصلو ڪيو ويو، سندس چوڻ هو ته آئي سي سي کي پاڪ – ڀارت ميچ جو اندازو آهي پر رانديگرن جي سيڪيورٽي پهرين اهميت آهي،ڊيو رچرڊسن چيو ته  ڀارت هر ميچ لاءِ هر ممڪن سيڪيورٽي جي پڪ ڏياري آهي، جڏهن ته پاڪستان حڪومت ۽ پي سي بي کي به ميچ جو هنڌ مٽائڻ واري فيصلي بابت ٻڌايو ويو آهي، آئي سي سي جي چيف ايگزيڪيوٽو چيو ته ڌرم شالا ۾ پاڪ – ڀارت ميچ لاءِ ٽڪيٽون خريد ڪندڙ شوقينن کي ٽڪيٽون ري فنڊ ڪيون وينديون ۽ جيڪڏهن ڪو ڪولڪتا جون ٽڪيٽون خريدڻ چاهي ته ان کي پراڻي ٽڪيٽ ڏيکارڻ تي نئين ٽڪيٽ جاري ڪئي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *