
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) کانپوءِ ايشيائي ترقياتي بئنڪ (اي ڊي بي) به پاڪستان کي اربين ڊالر قرض ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. اي ڊي بي جي پڌرائي موجب ايشيائي ترقياتي بئنڪ 5 سالن دوران پاڪستان کي 10 ارب ڊالر قرض ڏيندي ۽ اها رقم پاڪستان لاءِ رعايتي قرض هوندي. پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته قرض جي مد ۾ رقم مختلف ترقياتي رٿائن لاءِ فراهم ڪئي ويندي، قرض بابت پاڪستان ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ وچ ۾ ڳالهيون ٿيون، جن ۾ ڪنٽري پارٽنرشپ تحت حڪمت عملي جي حوالي سان صلاح مشورو ڪيو ويو. واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ آءِ ايم ايف به پاڪستان لاءِ 6 ارب ڊالرن جي قرض پروگرام جي منظوري ڏني هئي.