آئين ۾ ترميم جمهوريت تي آپگهاتي حملو آهي:مولانا فضل الرحمان

اسلام آباد (بيورو) جــَي يــُو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان 21 هين آئيني ترميم جي منظوري کي جمهوريت تي آپگهاتي حملو قرار ڏئي ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته بل دهشتگردن خلاف کــُليل ڇــُوٽ آهي. اسلام آباد ۾ مذهبي جماعتن جي اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته 21 هين آئيني ترميم جي بل جي منظوري جمهوريت تي آپگهاتي حملو آهي. سندس چوڻ هو ته ترميمي بل دهشتگردن خلاف کــُليل ڇوٽ آهي ۽ نئين قانون ذريعي دهشتگردن کي بچي وڃڻ جو موقعو ملندو. مولانا فضل الرحمان چيو ته مذهبي جماعتون متفق آهن ته ترميمي بل ۾ فرق رکيو ويو ۽ ڪيترن ئي دهشتگردن کي عدالتن کان مٿانهون قرار ڏنو ويو آهي. سندس چوڻ هو ته پارليامينٽ ميمبرن مان رڳو رضا رباني جو ضمير جاڳيو، دهشتگردي کي مذهب سان ڳنڍڻ مناسب ناهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *