آئين کي ڪوئي ڊڪٽيٽر ختم نه ڪري سگهيو: خورشيد شاهه

اسلام آباد (اين اين آءِ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته آئين کي ڪوئي ڊڪٽيٽر ختم نه ڪري سگهيو پر اسان اڄ پاڻ آئين کان مٿانهون ٿي سوچينداسين ته پوءِ اسان کي ڪنهن دشمن جي ضرورت نه آهي حڪومت پارليمينٽ کي ڪائي اهميت نٿي ڏي جيڪڏهن هر ڪم عدليه جي حڪم تي ڪرڻو آهي ته پوءِ هن اداري جو ڪوئي فائدو نه آهي گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس ڇو نه سڏايو پيو وڃي پي پي اختيار پارليمينٽ کي منتقل ڪيا آهن ميمو اسڪينڊل پارليمينٽ کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ آندو ويو هو ان وقت جو چيف جسٽس پيغام اماڻيندو هو ته هي ڪم مان اوهان کي ڪري ڏيان ٿو اڄ اهو ميمو اسڪينڊل ڪيڏانهن ويو ان جو رائيٽر ڪير هو ان وقت ته سمورا وزير هتي اچي ويهندا هئا جڏهن ته حڪومتي ميمبر اويس احمد خان لغاري چيو ته پرڏيهي صلاحڪار واضح ڪيو ته اسان ٻنهي ملڪن ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۾ ڪردار ادا ڪنداسين اپوزيشن ان ڳالهه کي ڇو نظرانداز ڪري رهي آهي ظاهر آهي ته اسان غير جانبدار رهي ئي ڇڪتاڻ گهٽائي سگهون ٿا ان صورتحال تي ان ڪئميرا بريفنگ هئڻ گهرجي اسان ٻنهي ملڪن مان ڪنهن سان لاڳاپا خراب ڪرڻ نٿا چاهيون اربع تي قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ سيد خورشيد احمد شاهه پوائنٽ آف آرڊر تي ڳالهائيندي چيو ته صوبن ۽ وفاق اندر اعتماد جي کوٽ ۽ غلط فهمي وڌي رهي آهي جنهن ۾ خيبرپختونخواهه ۽ سنڌ سرفهرست آهن وفاقي حڪومت گڏيل مفادن واري ڪائونسل کي مسلسل ننظرانداز ڪري رهي آهي هي نطراندازي آئين جي نظراندازي آهي جيڪا خطرناڪ ڳالهه آهي 9 مهينن ۾ صوبا بار بار سي سي آءِ جو اجلاس نه هئڻ جي نشاندهي ڪري رهيا آهن ادارا مضبوط ٿيندا ته ملڪ مضبوط ٿيندو حڪومت پارليمينٽ طرف ڌيان نه پئي ڏي وزيراعظم جي حاضري تمام گهٽ آهي صرف ڪجهه وزير باقاعدگي سان ايوان ۾ اچن ٿا پ پ شروعاتي اڍائي سالن ۾ 57 بل منظور ڪيا جڏهن ته هن حڪومت 37 قانون منظور ڪيا آهن جڏهن ته هر ڪم عدالت جي حڪم تي ڪرڻو آهي ته هو هن اداري جو ڪوئي فائدو نه آهي پ پ پ اختيار پارليمينٽ کي منتقل ڪيا آهن. اويس لغاري چيو ته شيعا عالم جي ڦاهي کان پوءِ مذهبي ڏڦيڙ سينٽرل اوڀر ۾ وڌڻ جو خدشو آهي چين يو ڪي آمريڪا جرمني ۽ روس جي به صورتحال تي نظر رکيل آهي ڪي ايس اي ۽ ايران يمن ۽ شام تڪرار جو به حصو آهن شام ۾ به هن وقت تائين اڍائي لک ماڻهو پنهنجون حياتيون وڃائي ڇڪا اهن پرڏيهي صلاحڪار واضح ڪيو ته اسان ٻنهي ملڪن ۾ تڪرار گهٽائڻ ۾ ڪردار ادا ڪنداسين اپوزيشن ان ڳالهه کي ڇو نظرانداز ڪري رهي آهي. پي ٽي آءِ جي قومي اسيمبلي ميمبر شفقت محمود چيو ته پرڏيهي وزارت ۾ پهريان ئي تمام گهڻي ڀيڙهه آهي الله ڪري ڪٿي جڳهه اويس لغاري کي به ملي وڃي پٺان ڪوٽ حملي سان اسان جا ڀارت سان لاڳاپن ۾ اثر پوندا ڪالهه ڀارتي وزراعظم محمد نوازشريف سان ڳالهايو ۽ چيو پيو وڃي ته هن ڪجهه ثبوت ڏنا ان صورتحال تي ايوان کي اعتماد ۾ ورتو وڃي ۽ ڪهڙا ثبوت ڏنا ويا. ڇا هاڻي فارن سيڪريٽريز جي ملاقات شيڊول تحت ٿيندي صدر مملڪت جي خطاب ۾ بحث ۾ حصو وٺندي شفقت محمود چيو ته حڪومت جي گورننس تي ڪائي توجهه نه آهي آبادي تيزي سان وڌي رهي آهي پاڻي جي کوٽ ٿي رهي آهي هي اسيمبلي صرف ڏيکاءُ آهي اصل شئي گورننس آهي پر گورننس جي خراب حالت آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *