آئين ٽوڙيندڙن جو احستاب نه ٿيڻ سبب ملڪ بحرانن جو شڪار آهي: وڏو وزير

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) قائم علي شاهه چيو آهي ته آئين ٽوڙيندڙ جو احتساب ناهي ٿيو، جنهن سبب ملڪ بحرانن جو شڪار رهيو. ڪراچي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ بار کي خطاب ڪندي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو ته ڊڪٽيٽرن هميشه آئين ٽوڙيو پر کائن پڇاڻو نه ٿي سگهيو. هن چيو ته هو 2008 ۾اقتدار ۾ آياته خزانو خالي هو، ان باوجود عوام جي خدمت ڪئي. سندس چوڻ هو ته مقامي حڪومت جي آزاداڻي چونڊ ۾ هميشه پ پ ڪامياب ٿي آهي، سنڌ جي عوام جو پيپلز پارٽي تي اعتماد آهي. وڏي وزير جو چوڻ هو ته سنڌ سرڪار اهليت جي بنياد تي 2 لک نوجوانن کي نوڪريون ڏنيون آهن، استاد 40 هزار پگهار کڻي رهيا آهن. ٻئي طرف ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيبملي اسپيڪر آغا سراج دراني جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سان ملاقات ڪئي آهي. وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سنڌ اسيمبليءَ ويجهو سرڪاري ڪواٽرن جي متاثرن کي مختلف علائقن ۾ سرڪاري رهائش ڏيڻ جون هداتيون جاري ڪري ڇڏيون آهن. سنڌ اسيبمليءَ جي اسپيڪر آغا سراج دراني، وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سان ملاقات ڪري سنڌ اسيمبليءَ جي سرڪاري ڪواٽرن جي متاثرن بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي. ان موقعي تي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو ته حڪومت ڪنهن کي به بي گهر نه ڪندي. وڏي وزير چيف سيڪريٽري ۽ سيڪريٽري سروسز سان به فون تي رابطو ڪري متاثرن خالي فليٽن ۾ منتقل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وڏي وزير سان ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي آغا سراج دراني چيو ته متاثرن کي جلد سرڪاري ڪواٽر ڏنا ويندا. هن چيو ته متاثرن لاءِ صدر، لائينز ايريا ۽ قائد آباد ۾ سرڪاري ڪواٽرن جو بندوبند ڪيو ويو آهي. سندس چوڻ هو ته متاثرن جو معاملو وڏو نه آهي، رڳو اٺن خاندانن کي گهر ڏيڻا آهن. آغا سراج دراني چيو ته وڏي وزير سيد قائم علي شاهه متاثرن جي ڀرپور مدد جي خاطري ڪرائي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *