آئين جي حڪمراني تي ٺاهه نٿا ڪري سگهون، عوامي حق غصب ڪندڙ سان ويڙهه ٿيندي: ن ليگ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته عمران خان آمريڪا ۾ اها تقرير ڪئي، جيڪا سياستدان موچي گيٽ ۾ ڪندو آهي. اسلام آباد ۾ پارٽي اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي احسن اقبال چيو ته آئين جي حڪمراني تي ٺاهه نٿا ڪري سگهون، جيڪو عوامي حق غصب ڪندو ان سان وڙهنداسين، هاڻ فيصلائتي جدوجهد جو وقت اچي ويو آهي. هن چيو ته بدقسمتي سان سليڪٽڊ وزيراعظم جي مٿان خانو خالي آهي، هو خيالي پلاءَ ٺاهيندو ۽ کپائيندو آهي، هن جي تقرير ۾ اڃا تائين ڪا تبديلي ناهي آئي، هڪ شخص آمريڪا وڃي ٿو ته ان کي قوم جو نمائندو بڻجڻ گهرجي، عمران خان اها تقرير ڪئي، جيڪا تقرير سياستدان موچي گيٽ ۾ ڪندو آهي، اتي چيو ويو مان واپس وڃي نواز شريف جي ٽي وي ۽ اي سي بند ڪرائيندس، عمران خان جي ذهن تي رڳو نواز شريف سوار آهي، آمريڪا وڃي به عمران خان نه مڙيو. سندس چوڻ هو ته اپوزيشن ليڊرن کي نشانو بڻائي حراست ۾ ورتو پيو وڃي، شاهد خاقان عباسي خلاف ڪارروائي عمران خان جي چوڻ تي ٿي، شاهد خاقان عباسي تي مالي بدعنواني جو الزام ناهي ته ان تي اختيار اورانگهڻ جو الزام لڳايو ويو، شاهد خاقان عباسي جو ڏوهه اهو آهي ته هن گئس بحران کي چئن سالن ۾ حل ڪيو، هن 11 مهينن ۾ دنيا جو سستو ترين ايل اين جي پلانٽ لڳايو، ايل اين جي سان 5 هزار ميگا واٽ بجلي جا 3 يونٽ هليا. احسن اقبال وڌيڪ چيو ته پرويز مشرف جهڙي ريت نيب کي استعمال ڪيو، اهڙي ئي ريت اڄ ان کي تحريڪ انصاف حڪومت بچائڻ لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي، هيءَ هڪ انتقام ۽ ساڙ ۾ سڙيل حڪومت آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *