آئين جي توهين نه ٿيڻ گهرجي، ادارن جو تحفظ سياسي جماعتن جي ذميداري آهي: جاويد هاشمي

ملتان (ويب ڊيسڪ): سينئر سياستدان مخدوم جاويد هاشمي چيو آهي ته ملڪ جي آئين جي توهين نه ٿيڻ گهرجي، ادارن جو تحفظ سياسي جماعتن جي ذميداري آهي، پريس ڪانفرنس ڪندي جاويد هاشمي چيو ته مون تي ڪرپشن جو ڪوئي الزام نٿو لڳائي سگهي، سينئر سياستدان جو چوڻ هو ته ڪا به پارٽي ناهي بدلي، جنهن اصول ڇڏيو ان جي پارٽي ڇڏي ڏني، هن چيو ته ادارن جو تحفظ سياسي جماعتن جي ذميداري آهي، نيب جي ڪارروائي جي حوالي سان سندس چوڻ هو ته ان کان اڳ جيترا به ڪيس نيب ۾ هليا اهي چار کان پنج سالن تائين هلندا رهيا، نئون قانون آندو پيو وڃي ته عدالت جي مٿان عدالت بڻائي پئي وڃي.ٻئي طرف  سينيئر سياستدان جاويد هاشمي چيو آهي ته مون کي خبر آهي ته عمران خان عورتن جي عزت ناهي ڪندو، ڪجهه حيا هوندي آهي هڪ ماڻهوءَ کان چورايو ته مون پيسا وٺي ٽڪيٽ ڏني عمران خان وات سنڀالي ڳالهائي جيڪڏهن مون ڏوهه ڪيو آهي ته مون کي پڪڙڻ گهرجي ها. جاويد هاشمي پنهنجي ويڊيو پيغام ۾ چيو آهي ته عمران خان توهان کي شرم اچڻ گهرجي، عمران جنهن جج بابت تو ڳالهائڻ چيو هو اهي به توکي ڪوڙو چئي رهيو آهي. هن چيو ته عمران خان وضاحت ڪري، نه ته جيڪو ڪجهه چوندس ته توهان ڳالهائڻ جي لائق نه رهندا. عمران خان معافي نه ورتي ته عزت خراب ڪرڻ جي دعويٰ ڪندس، عمران خان هاڻ توهان جي ساک ڪهڙي بچي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *