آئيني ۽ قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ سان ئي قانون جي حڪمراني ممڪن آهي: چيف جسٽس

اسلام آباد (بيورو) سـُپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس انور ظهير جمالي چيو آهي ته ادارن پاران حدون اورنگهڻ نه صرف جمهوريت لاءِ نقصانڪار آهي پر ان سان عوام جي ڀلائي تي به اثر پون ٿا. سپريم ڪورٽ اسلام آباد ۾ رٽائرڊ ٿيندڙ جسٽس سرمد جلال عثماني جي مان ۾ فل ڪورٽ ريفرنس ٿيو، جنهن ۾ چيف جسٽس انور ظهير جمالي سميت سپريم ڪورٽ جي ججز ۽ وڪيلن شرڪت ڪئي.  ريفرنس کي خطاب ڪندي چيف جسٽس انور ظهير جمالي چيو ته ائين ۾ مختلفادارن جي لاءِ اختيارن جي ورڇ جو فارمولو ڏنو آهي، جنهن تحت ادارن کي پنهنجي حدن اندر رهي ڪم ڪرڻ گهرجي. چيف جسٽس چيو ته ڪنهن به اداري پاران آئين ۾ مقرر ڪيل حدون اورانگهڻ جمهوريت لاءِ نقصانڪار آهي، جمهوريت لاءِ عدل ۽ انصاف توڙي قانون جي حڪمراني جي به ضرورت آهي. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته قانون جي حڪمران تڏهن ئي ممڪن آهي، جڏهن سڀ ادارا آئيني ۽ قانون گهرجون پوريون ڪندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *