آئيني ادارن کي حق ڏنا وڃن، تڪرار کان بچڻو پوندو: رضا رباني

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽ جي چيئرمين رضا رباني چيو آهي ته آئين جي تحفظ ۽ پاسداري جي لاءِ قوم کي گڏ ٿيڻو پوندو. ميڊيا سان ڳالهين دوران هڪ سوال جي جواب ۾ رضا رباني چيو ته آئين جي تحفظ ۽ پاسداري جي لاءِ قوم کي گڏ ڪرڻو پوندو، پارليمان عوامي امنگن جي ترجمان آهي ۽ جمهوريت جي مضبوطي ۾ پارليمان جو ڪليدي ڪردار آهي. اڄ تجديد عهد جو ڏينهن آهي ۽ وفاق کي مضبوط بڻائي ملڪ کي عظيم بڻائڻو آهي. اسان کي ان عهد جي تجديد به ڪرڻي پوندي ته آئيني ادارن کي ان جا صحيح حق ڏنا وڃن ۽ تڪرار جو رستو اختيار ڪرڻ کان سواءِ ملڪ کي ترقي ۽ خوشحالي تي گامزن ڪرڻو پوندو. سينيٽ چيئرمين وڌيڪ چيو ته اسان تاريخ جي اهڙي هنڌ تي بيٺا آهيون جتي اسان کي ادارن تحت تڪرار کان بچڻو پوندو جيڪڏهن اسان اڄ به دانشمنداڻو فيصلو نه ڪيو ته تاريخ اسان کي ڪڏهن به معاف نه ڪندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *