
نئين دهلي:بالي ووڊ اداڪار ريتڪ روشن اڄ ڪلهه يورپ جي دوري تي آهي ۽ اسپين ۾ پنهنجي مصروفيتن جون تصويرون ٽوئيٽر تي ونڊيون آهن. 42 سالن جي ريتڪ روشن انهن تصويرن سان گڏ پنهنجي ڪمينٽس ۾ لکيو آهي ته آئيفا ايوارڊ جي تقريب جون تياريون ۽ انهن تيارين ۾ رڌل ماڻهو، جڳهون، عملو ۽ انهن جون محبتون سڀ ڪجههشاندار آهن. ريتڪ روشن جي ونڊيل تصيورن م انيل ڪپور ۽ سوناڪشي سنها ساڻس گڏ هئا. ٽئي ڀارتي اداڪار يورپ ۾ ڀارتي سينيما جي ڄاڻ ڏيڻ لاءِ يورپ جو دورو ڪري رهيا آهن.001