آئوٽ آف ٽرن پروموشن ۽ بڪتر بند گاڏيون ڪيس: سپريم ڪورٽ وڪيل جو لائسنس معطل ڪري ڇڏيو

اسلام آباد(بيورو) سپريم ڪورٽ ۾ آئوٽ آف ٽرن پروموشن ۽ بڪتر بند گاڏين بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي عدالت ۾ پيش ٿيو، ججن سان منهن ماري تي عدالت آءِ جي جي وڪيل عرفان قادر جو ٻن هفتن لاءِ لائسنس معطل ڪري ڇڏيو. سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس جواد ايس خواجه جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ آئوٽ آف پروموشن ۽ سنڌ پوليس لاءِ بڪتر بند گاڏيون خريد ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. آءِ جي سنڌ پوليس غلام قادر جمالي عدالت جي حڪم تي پيش ٿيو،آئوٽ آف ٽرن پروموشن ڪيس ۾ سنڌ حڪومت جواب داخل نه ڪرايو، جنهن تي عدالت سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي رپورٽ وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. جسٽس جواد ايس خواجه رمارڪس ڏيندي چيو ته عدالتي حڪمن تي عمل نه پيو، ڪيترائي آفيسر اڃان تائين ناهن هٽايا ويا، جن کي انسپيڪٽر ٿيڻو هيو اهي ڊي ايس پي آهن. بڪتر بند گاڏين جي ڪيس ۾ جسٽس جواد ايس خواجه ۽ وڪيل عرفان قادر ۾ منهن ماري ٿي، عدالت عرفان قادر جو لائسنس معطل ڪري ڇڏيو. عدالت چيو آهي ته عرفان قادر جو ٻن هفتن جو لائسنس معطل رهندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *