آءِ ڊي پيز ۽ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ اڍائي ارب ڊالر امداد ملڻ جو امڪان

اسلام آباد(بيورو) آپريشن ضرب عضب جي نتيجي ۾ بي گهر ٿيندڙ آءِ ڊي پيز ۽ٻوڏ متاثرن لاءِ عالم ادارن ۽ ڊونرز طرفان اڍائي ارب ڊالر ملڻ جو امڪان آهي خزاني واري وفاقي وزير جي صدارت هيٺ عالمي ڊونرز ڪانفرنس ٿي جنهن ۾ مختلف ملڪن جي سفارتڪارن ۽ ڊونرز شرڪت ڪئي ذريعن مطابق حڪومت عالمي ادارن کان اڍائي ارب ڊالر امداد طلب ڪئي جنهن ۾ 1.5 ارب ڊالر آپريشن ضرب عضب ۽ آءِ ڊي پيز جي بحالي لاءِ استعمال ڪيا ويندا، جڏهن ته هڪ ارب ڊالر ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۽ مستقبل ۾ ٻوڏ جي روڪٿام لاءِ استعمال ٿيندا، ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊونرز مطالبو ڪيو ته آپريشن ضرب عضب جو اهڙو طريقو اختيار ڪيو وڃي جنهن سان ماڻهن کي نقصان نه پهچي جڏهن ته امداد جو شفاف استعمال به يقيني بڻايو وڃي وفاقي خزاني واري وزير سمورين شريڪن کي يقين ڏياريو ته اڍائي ارب ڊالر امداد جي شفاف استعمال کي يقيني بڻايو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *