آءِ پي ايل 9: سريلنڪا، ڏکڻ آفريقا ۽ نيوزيلينڊ رانديگرن کي رليز ڪري هڪ مهل 10-10 لک ڊالر ڪمايا

ممبئي(اسپورٽس نيوز) ڪرڪيٽ بورڊ آف سريلنڪا، ڏکڻ آفريقا ۽ نيوزيلينڊ هلندڙ انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) جي نائين ايڊيشن لاءِ رانديگرنکي رليز ڪري 10-10 لک ڊالر ڪمايا. آءِ پي ايل 9 اپريل کان شروع ٿي چڪوآهي ۽ ٽيمن وچ ۾ ٽائٽل حاصل ڪرڻ لاءِ دنگل جاري آهي. بورڊ آف ڪنٽرول فار ڪرڪيٽ ان انڊيا (بي سي سي آءِ) طرفان جاري ڪيل بيان مطابق بورڊ غير ملڪي رانديگرن کي رليز ڪرڻ تي مختلف بورڊز کي رقم جي ادائگي ڪري ڇڏي آهي. ڪرڪيٽ سريلنڪا 2.43 لک، ڪرڪيٽ سائوٿ آفريقا 6.31 ۽ نيوزيلينڊ 1.73 لک ڊالر حاصل ڪيا آهن. ليگ ۾ شريڪ آسٽريلين، انگلينڊ، ويسٽ انڊيز ۽ بنگلاديشي رانديگرن جي بورڊز کي به جلد رقمن جي ادائگي ڪئي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *