ايڊنبرا (اسپورٽس نيوز) آءِ سي سي ورلڊ ٽي ٽوئنٽي ڪوليفائر جي گروپ بي ۾ افغانستان پهريان کيڏندي 5 وڪيٽن تي 210 رنسون ٺاهيون. محمد شهزاد 36 بالن تي 7 ڇڪن ۽ 5 چوڪن جي مدد سان 75 رنسون ٺاهيون. جواب ۾ اسڪاٽش ٽيم 4 بال اڳ 173 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي، مومسين 44 رنسون ٺاهيون. محمد نبي ۽ حامد حسن ٽي ٽي وڪيٽون ورتيون. ٻي ميچ ۾ يو اي اِي ٽيم 7 وڪيٽن تي 119 رنسون ٺاهي سگھي. نيڌرلينڊز ٽارگيٽ 3 وڪيٽن تي ماڻي ورتو. بين ڪوپر 50 رنسن سان ناقابل شڪست رهيو. ٽين ميچ ۾ آئرلينڊ 6 وڪيٽن تي 146 رنسون ٺاهيون. اينڊي بالبرائن 44 رنسن سان نمايا رهيو. جواب ۾ آمريڪي ٽيم 100 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي. ڪيوسڪ، ٿامپسن ۽ جان موني ٻه ٻه وڪيٽون ورتيون. چوٿين ميچ ۾ پاپوا نيوگني 9 وڪيٽن تي 145 رنسون ٺاهيون. جواب ۾ جرسي ٽيم 121 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي، پنجين ميچ ۾ ڪينيڊا 3 وڪيٽن تي 133 رنسون ٺاهيون. نتيش ڪمار 53 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهيو.جواب ۾ اومان ٽيم 2-11 اوورن ۾ صرف 3 وڪيٽن جي نقصان تي ٽارگيٽ ماڻي ورتو. ذيشان مقصود ناقابل شڪست 86 رنسون ٺاهيون