ڪراچي (اسپورٽس نيوز) انٽر نيشنل ڪرڪيٽ ڪونسل پاران هر قسم جي ڪرڪيٽ کيڏڻ جا اهل قرار ڏيڻ جي باوجود پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان سلمان بٽ ۽ فاسٽ بالر محمد آصف کي واپڊا ٽيم عملدارن گذريل ڏينهن نيشل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ قائد اعظم ٽرافي جي افتتاحي ميچ دوران ميڊيا سان ڳالهائڻ کان روڪي ڇڏيو، ٻنهي رانديگرن کي پي سي بي هدايت مطابق ڪرائي وائيٽس خلاف ميچ ۾ شآمل نه ڪيو ويو آهي، جڏهن ته صحافين انهن سان ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته سلمان ۽ آصف واپڊا ٽيم جي اهلڪار حسن مسعود جي هدايت تي ميڊيا سان ڳالهائڻ کان انڪار ڪيو، آصف مسعود جي ننڍي ڀاءُ صحافين کي چيو ته سلمان بٽ ۽ آصف ڪرڪيٽ ۾ واپس اچي رهيا آهن، ان لاءِ هي ميڊيا سان ڳالهائڻ جو مناسب وقت نه آهي.