لاهور (اسپورٽس نيوز) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جي ترميمي قانونن تي اڳوڻي ڪائونسل صدر احسان مانيءَ سخت تنقيد ڪئي آهي، سندس چوڻ هو ته ڀارتي بورڊ جو جادو ڳالهائي رهيو آهي. ”يه ڪرڪيٽ ديوانگي“ ۾ ڳالهائيندي احسان مانيءَ چيو ته آءِ سي سيءَ ۾ ڀارتي هِڪ هٽي سڀني کي نظر اچي رهي آهي. ٻه ملڪي سيريز ۾ ڊي آر ايس کي ٻنهي بوردن جي مرضيءَ سان مشروط ڪرڻ آسٽريليا ۽ انگلينڊ سميت ٻين ملڪن جي ڪمزوري آهي. ڪولمبو ٽيسٽ جي پهرين اننگ ۾ لنڪن بيٽسمين سلواڪا آئوٽ نه ڏيڻ تي امپائرن ۽ ميچ ريفريءَ جي زباني معافيءَ تي به احسان مانيءَ ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. آءِ سي سيءَ جي اڳوڻي صدر چيو ته ڪنهن به بورڊ ۾ جرئت ناهي ته آءِ سي سيءَ کان پنهنجي ڳالهه مڃرائي. آءِ سي سيءَ چوڻ لاءِ ته ڪرڪيٽ جي عالمي تنظيم آهي، پر تازين ترميمن سميت ڪيترن ئي فيصلن سان ثابت ٿي ويو آهي هر جڳهه تي ڀارتي هِڪ هَٽي آهي جنهن جي تصديق احسان ماني به ڪري چڪو آهي