آءِ جي سنڌ کي هٽائڻ تي اسٽي آرڊر نڪتل هو ته کيس ڪيئن هٽايو ويو؟: سنڌ ھاءِ ڪورٽ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آءِ جي سنڌ جي مقرري ڪيس جي ٻڌني ٿي جنهن ۾ صوبائي حڪومت آءِ جي سنڌ جي برطرفيءَ بابت حلفي بيان جمع ڪرائي ڇڏيو آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آءِ جي سنڌ جي مقرري ڪيس جي ٻڌني دوران ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ سيڪريٽري سروسز طرفان حلفي بيان جمع ڪرايو، سنڌ حڪومت طرفان جمع ڪرايل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اي ڊي خواجا جون خدمتون وفاق حوالي ڪرڻ تي عدالتي توهين ناهي ڪئي،  سيڪريٽري سروز موجب اي ڊي خواجا او پي ايس تي ڪم ڪري رهيو هو، سنڌ هاءِ ڪورٽ انيتا تراب ڪيس جي فيصلي تي عمل جو حڪم ڏنو هو، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي خلاف ورزي نه ڪئي وئي. هلندڙ هفتي آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا جي بدليءَ بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، عدالت پڇاڻو ڪيو ته آءِ جي سنڌ کي هٽائڻ تي اسٽي آرڊر نڪتل هو ته کيس ڪيئن هٽايو ويو؟ ٻڌڻيءَ دوران اي جي سنڌ چيو ته هي قدم عدالتي حڪمن جي خلاف ورزي جي زمري ۾ نٿو اچي، عدالت پڇاڻو ڪيو ته آءِ جي سنڌ کي هٽائڻ جو معاملو ته تڪراري هو کيس ڪيئن هٽايو ويو؟ جنهن تي اي جي سنڌ جواب ڏيندي چيو ته اسان سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي عمل کي يقيني بڻايو آهي، جنهن تي عدالت فوري سوال ڪيو ته ڇا سنڌ حڪومت حڪم خلاف سپريم ڪورٽ سان رجوع ڪيو هو؟ ياد رهي ته انيتا تراب ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ واضح طور بيان ڪيو آهي ته جيڪڏهن ڪو سول سروينٽ ڪنهن عهدي تي رکيو وڃي ته گھٽ ۾ گھٽ ان عهدي تي ٽن سالن تائين لازمي طور رهندو، جيستائين ان خلاف ڪنهن ڪرپشن، بدعنواني خا قانون خلاف ڪم ڪرڻ جون شاهديون موجود هجن. سپريم ڪورٽ سرڪاري آفيسرن کي تحفظ فراهم ڪيو آهي هو پنهنجي اعليٰ عملدارن جي هر فيصلي کي مڃڻ جا پابند ناهن جيڪڏهن اعليٰ عملدار ڪنهن غير قانوني ڪم جي هدايت جاري ڪندا ته سپريم ڪورٽ جي فيصلن جي روشني ۾ آفيسر انهن غير قانوني فيصلن کي مڃڻ کان انڪار به ڪري سگھن ٿا.36

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *