ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِڪورٽ توهين عدالت ۽ صحافين تي تشدد واري ڪيس ۾ آءِ جِي سنڌ جي وڪيل کي 12 جون تائين دليل مڪمل ڪرڻ جي مهلت ڏئي ڇڏي، جسٽس سجاد علي شاهه چيو آهي ته جيڪڏهن 12 جون تائين دليل مڪمل نه ڪيا ويا ته فيصلو محفوظ ڪيو ويندو. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس سجاد علي شاهه جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ، توهين عدالت ۽ صحافي تي تشدد واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. آءِ جِي سنڌ غلام حيدر جمالي جي وڪيل ڊاڪٽر فاروق ايڇ نائيڪ دليل ڏيندي چيو ته 19 مئي تي هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار آءِ جِي کي فون ڪئي هئي پر ان وقت آءِ جي صفوران سانحي بابت هڪ گڏجاڻي ۾ موجود هو، جنهن ڪري هن فون اٽينڊ نه ڪئي. عدالت، آءِ جِي سنڌ جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ کي 12 جون تائين دليل مڪمل ڪرڻ جي مهلت ڏئي ڇڏي. جسٽس سجاد علي شاهه چيو ته جيڪڏهن 12 جون تائين آءِ جِي جي وڪيل دليل مڪمل نه ڪيا ته فيصلو محفوظ ڪيو ويندو.