ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ اي ٽي جو گهيراءُ ۽ صحافين تي تشدد بابت ڪيس جو لکت ۾ حڪمنامو جاري ڪري ڇڏيو آهي، عدالت جو چوڻ آهي ته آءِ جي سنڌ مقررين ۽ بدلين بابت غلط بيان ڪئي آهي، جيستائين سچ نه ڳالهائيندو کيس معاف نه ڪيو ويندو. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس سجاد حسين شاهه ۽ جسٽس سعيد الدين ناصر تي ٻڌل بئنچ دهشتگردي ٽوڙ عدالت جو گهيراءُ ۽ صحافين تي تشدد واري ڪيس جو لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪيو. سنڌ هاءِ ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته آءِ جي سنڌ غير مشروط معافي ورتي آهي جيڪا قبولڻ جوڳي ناهي. عدالت جو چوڻ آهي ته آءِ جي غلام حيدر جمالي مڪمل سچ ناهي ڳالهايو، 23 مئي تي ڪيترائي آفيسر عدالت ٻاهران موجود هئا پر انهن جا رپورٽ ۾ نالا نه ڏنا ويا. سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چوڻ هو ته 23 مئي ۽ 19 مئي تي ڪيترن ئي آفيسرن کي عهدن تان هٽايو ويو ۽ آءِ جي سنڌ ان بابت به عدالت کي آگاهه نه ڪيو. عدالت لکت واري حڪم نامي ۾ چيو ته 19 مئي تي ايس ايس پي ڏکڻ طارق ڌاريجي کي هٽائي چارج چوڌري اسد کي ڏني وئي.عدالت حڪمنامي ۾ چيو ته ايس ايس پي رئيس غني کي هٽائي چارج ذيشان بٽ حوالي ڪئي وئي. سنڌ هاءِ ڪورٽ حڪم نامي ۾ چيو ته اي آءِ جي لاجسٽرڪ ۽ اسپيشل برانچ فيصل بشير ميمڻ 19 مئي تي عدالت ۾ موجود هو جيڪو آءِ جي کي مڪمل ڄاڻ ڏيندو رهيو. عدالت جو چوڻ هو ته اي آءِ جي فيصل بشير سان گڏ ايس پي لياقت آباد طاهر نوراني ، ايس پي سٽي فدا جانوري ۽ ايس پي صدر ذيشان بٽ پنهنجا حلف ناما داخل ڪن. عدالت جو چوڻ هو ته ڊي آءِ جي سائوٿ واقعي واري ڏينهن موڪل تي هو جنهن جي چارج ڊي آءِ جي فيروز آباد وٽ هئي جنهن تسيلم ڪيو آهي ته هو عدالت ٻاهران موجود هو پر ان باوجود عدالت نالا ظاهر نه ڪيا. سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چوڻ هو ته آءِ جي سنڌ کان پڇاڻو ڪيو ويو ته هن غلط بياني ڇو ڪئي، هن پاڻ کي عدالت جي رحم ڪرم تي ڇڏيندي غير مشروع معافي ورتي آهي. عدالت لکت ۾ حڪم نامي ۾ چيو ته جيستائين آءِ جي سنڌ قانون جي بالادستي کي تسليم ڪندي عدالت آڏو سچ نه ٿو ڳالهائي ان وقت تائين کيس معاف نه ٿو ڪري سگهجي.