آءِ ايم ايف پروگرام ۽ مالي وسيلن جي ڪري مسئلا حل نه ڪري سگهياسين: وفاقي حڪومت

ڪراچي (اين اين آءِ) وفاقي ناڻي واري وزير شوڪت ترين چيو آهي ته پاڪستان سخت مشڪل حالتن مان لنگهي رهي اهي خبر ناهي افغانستان جو ڇا ٿيندو ملڪ ۾مهانگائي گهٽائڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهي، ايڪسپورٽ وڌائڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي ٽيڪس ڏيڻ بنا ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي. تاجرن سان گڏجي ملڪ کي ترقي ڏيارڻي آهي. توانائي جو شعبو حڪومت جي ڪمزوري آهي ۽ هن شعبي جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 5 کان 7 سال لڳندا ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ۽ اورسيز انويسٽرز چيمبر آف ڪامرس اينڊ اينڊسٽري ۾ واپارين کي خطاب ڪندي شوڪت ترين چيو ته هاڻي آڊٽ ٿرڊ پارٽي کان ڪرائي ويندي ڏيڍ ڪروڙ ٽيڪس ادا نه ڪندڙ ماڻهن جو مڪمل ڊيٽا ورتو آهي. انهن مانهن کي ٽيڪس نظام ۾ آڻڻ جو طريقو به ٺاهيو ويو آهي انهن ماڻهن کي آرٽيفشل انٽيليجنس جي ذريعي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻينداسين هن چيو ته اسان جو ملڪ 1968 ۾ ايشيا جي چوٿين وڏي معيشت هو اسان ملڪ کي ٻيهر انهيءَ سطح تي واپس آڻينداسين. وزيراعظم عمران خان جو احتساب تي فوڪس آهي، ايف بي آر سبب بزنس ڪميونٽي تي خوف ڇانيل هو. ايف بي آر جو خوف ختم ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ايف بي آر جا جاري ڪيل نوٽيس ختم ڪيا ويا آهن. ايف بي آر جي هاڪاري سوچ کي ساڻ کڻي هلي رهيا آهيون. ماضي ۾ ماڻهو ايف بي آر کان ڊنل هئا ماضي ۾ نوٽيس مٿان نوٽيس ايندا هئا ايف بي آر جي چيئرمين کي چيو آهي ته جيڪي نوٽيس هليا ويا انهن تي نظرثاني ڪري واپس وٺو هاڻي ايف بي آر کان نوٽس مٿان نوٽس نه ايندا شوڪت ترين چيو ته هر ٽن مهينن کان پوءِ ڪراچي جي تاجرن سان ملاقات ڪندس تاجرن سان گڏجي ملڪ کي ترقي ڏيارڻي آهي. وڌي ڌر طور گڏ کڻي هلڻو آهي. حڪومت جي معاشي پاليسين ۾ واپارين سان صلاح مشورا ڪنداسين. شوڪت ترين چيو ته اقتصادي مشاورتي ڪائونسل 14 شعبن لاءِ منصوبا ٺاهيا آهن جيڪي پاڪستان جي معاشي شعبن ۾ ڪيترن ئي سالن کان نه ڏٺا ويا هن افسوس جو اظهار ڪندي چيوت ه 1972 کان پوءِ رٿابندي ختم ڪئي وئي ڇو ته پلاننگ ڪميشن کي ختم ڪيو ويو هو ڇو ته ڊگهي مدي ۽ وچولي مدي جي منصوبن جي گهٽتائي هئي. تنهنڪري پاليسيون موثر نه هيون شوڪت ترين چيو ته وزيراعظم عمران خان کي ماهوار اجلاسن ۾ انهن منصوبن جي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويندو هن چيو ته ناڻي واري وزارت ۾ هڪ سيل به قائم ڪيو ويندو ۽ اجلاسن جي اهتمام لاءِ پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ڊيولپمينٽ اڪانومڪس جي تجزيو ڪندڙن جي مدد ورتي ويندي وفاقي وزير چيو ته ٽيڪنالوجي جي مدد سان ٽيڪس بيس کي وڌائڻ لاءِ به قدم کنيا ويا آهن هن چيو ته ٽيڪس ڏيندڙ ايتري قدر جو اڻ رجسٽرڊ ووٽرز جو ڊيٽا مختلف ذريعن سان گڏ ڪيو ويو آهي. ۽ عملدار هاڻي 80 سيڪڙو کان 90 سيڪڙو درستگي سان ٻڌائي سگهن ٿا ته انهن ماڻهن جي آمدني ڪيتري آهي ۽ کين ڪيترو ٽيڪس ڏيڻو آهي شوڪت ترين چيو ته فيڊرل بورڊ آف روينيو پاران ٽيڪس ڏيندڙن کي حراسان ڪرڻ جون شڪايتون موجود هيون ان لاءِ ٽيڪس هاڻي يونيورسل سيلف اسسٽمينٽ ۽ ٿرڊ پارٽي آڊٽ جي ذريعي يقيني بڻائي ويندي هن چيو ته اسان آڊٽ لاءِ انسٽيٽيوٽ آف چارٽرڊ اڪائونٽنس آف پاڪستان کان 1500 پيشاور ماڻهن جون خدمتون وٺنداسين. وفاقي وزير خبردار ڪيو ته جيڪڏهن ٽيڪس نه ڏيندڙن کي مسلسل اطلاع ڏيڻ جي باوجود به ٽيڪس ڏيڻ ۾ ناڪام ٿيا ته کين گرفتار ڪيو ويندو. هن چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته جيڪي ماڻهو ٽيڪس نٿا ڏين اهي ٽيڪس ڏيڻ شروع ڪن ڇو ته اهڙن ماڻهن جي ڪري اوهان ۽ منهن جهڙا ماڻهو تڪيلف ڏسن ٿا. جنهن کان پوءِ تاجرن سان هڪ ويهڪ ۾ ان جي سوالن جو جواب ڏيندي شوڪت ترين چيو ته تاجرن سان گڏجي ملڪ کي ترقي ڏيڻ چاهيون ٿا سندن مسئلا لازمي حل ڪنداسين هن چيو ته اسان پئسا ڪمائڻ کي گناهه نٿا سمجهو اها سٺي شئي آهي ۽ اوهان وري ٻيهر سيڙپڪاري ڪريو پاڪستان ۾ هن ٻڌايو ته حڪومت آئي ايم ايف جي چوڻ تي به بجلي ناهي وڌائي پيٽروليم ليوي جو سڄي سال جو بجيٽ 600 ارب رپيا آهي هن وقت اسان جي خزاني ۾ هڪ رپيو به نه آهي ماڻهو سوال ڪن ٿا ته 600 ارب رپيا ڪڏهن گڏ ڪيا ويندا. ته چوان ٿو ته جڏهن قيمتون گهٽ ٿنديون ته ڏسنداسين مهانگائي جي حوالي سان ڳالهائيندي هن چيو ته پرڏيهي قيمتون بلند سطح تي آهن اهي جيستائين نه گهٽجنديون اسان ڪجهه نٿا ڪري سگهون اسمگلنگ جي روڪڻ جي حوالي سان هن چيو ته هاڻي به اسان جا کاتا اسمگلنگ جي اجازت ڏئي رهيا آهن ان کي ٺيڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون پر ان ۾ عوام جي به ذميواري آهي ته عوام اهڙيون شيون نه خريد ڪري شوڪت ترين چيو ته ان ۾ نفعو وڌيڪ آهي جڏهن ته عوام کي به ان کي روڪڻ ۾ پنهنجو حصو وجهڻو پوندو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *