آءِ ايم ايف پاڪستان کي 55 ڪروڙ ڊالرڏيڻ تي راضي ٿي ويو: اسحاق ڊار

اسلام آباد(بيورو) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ڪامياب ٿيون آهن، ڇهين جائزي جي مڪمل ٿيڻ بعد آءِ ايم ايف 55 ڪروڙ ڊالر جي ايندڙ قسط جاري ڪرڻ تي راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي. هو خميس ڏينهن دبئي ۾ پاڪستاني معيشت جي ڇهين جائزي لاءِ ٿيل ڳالهين جي پڄاڻي تي آءِ ايم ايف مشن جي سربراهه جيفري فينڪس سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. هن چيو ته حڪومت مسلم ليگ(ن) جي منشور تحت اقتصادي بحالي لاءِ مقرر ڪيل سمورا هدف حاصل ڪيا آهن. هن چيو ته مالي خساري ۽ مرڪزي بئنڪ مان حڪومتي قرضن ۾ گهٽتائي آئي آهي. ناڻي جي مٽا سٽا جا ذخيرا به 15 ارب ڊالر کان وڌي ويا آهن جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان عالمي بئنڪ جي بين الاقوامي ترقي بابت ايسوسيئيشن کان قرض وٺڻ جو اهل ٿي ويو آهي. اسحاق ڊار چيو ته معيشت استحڪام طرف گامزن آهي. واضح رهي ته ناڻي وارو وفاقي وزير آءِ ايم ايف پروگرام تحت ڳالهين لاءِ دبئي جي دوري تي هو جيڪو خميس تي مڪمل ٿيو. ان دوري ۾ هن آءِ ايم ايف مشن کي پروگرام تحت هدف حاصل ڪرڻ جي اڳڀرائي بابت آگاهه ڪيو. آءِ ايم ايف مشن پاڪستان جي معاشي ڪارڪردگي جو اعتراف ڪندي پروگرام تحت ايندڙ قسط 55 ڪروڙ ڊالر جاري ڪرڻ تي راضپو ظاهر ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *