آءِ ايم ايف پاڪستان کي نائين قسط ڏيڻ تي راضي ٿي ويو،مهانگائي جي شرح ۾ رڪارڊ گهٽتائي ٿي آهي: اسحاق ڊار

اسلام آباد (بيورو) دبئي ۾ڳالهيون مڪمل ٿيڻ بعد آءِ ايم ايف پاڪستان کي نائين قسط ڏيڻ تي راضي ٿي ويو، ناڻي واري وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته مهانگائي جي شرح ۾ رڪارڊ گهٽتائي ٿي آهي، اقتصادي راهداري منصوبي سان معاشي بهتري ايندي. دبئي ۾ آءِ ايم ايف سان ڳالهيون مڪمل ٿيڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار چيو ته مالياتيادارو پاڪستان کي نائين قسط ڏيڻ تي راضي ٿي ويو آهي، بورڊ آف ڊائريڪٽر جي منظوري کانپوءِ رقم جاري ڪئي ويندي. هن چيو ته آءِ ايم ايف پاڪستان جي معاشي صورتحال تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي، عالمي مارڪيٽن ۾ تيل اگهن ۾ گهٽتائي سبب ملڪي معيشت تي سٺا اثر پيا آهن. اسحاق ڊار چيو ته مهانگائي جي شرح 12 سالن جي رڪارڊ گهٽتائي تائين اچي وئي آهي، جڏهن ته مالياتي خسارو به 8 ڏهائي 8 مان گهٽجي 5 ڏهائي 3 ٿي ويو آهي. ناڻي واري وزير جو چوڻ هو ته گذريل ٽن مهينن جا سمورا حدف حاصل ڪيا ويا آهن، اقتصادي راهداري منصوبي سان وڌيڪ بهتر ٿيندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *