آءِ ايم ايف  پاران پاڪستان لاءِ قرض پروگرام هڪ سال واڌئڻ تي رضپو ظاهر

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) عالمي مالياتي اداري (آءِ ايم ايف) پاڪستان جي لاءِ قرض پروگرام کي هڪ سال واڌئڻ تي رضامندي ظاهر ڪري ڇڏي. پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ معاملن تي ڳالهه ٻولهه جاري آهي، پاڪستان آءِ ايم ايف سان ٽيڪنيڪي سطح تي ڳالهيون ايندڙ هفتي کان شروع ڪندو. ذريعن موجب آءِ ايم ايف جو مطالبو آهي ته پاڪستان پنهنجي هاڻوڪي ڏنل سبسڊيز جلد کان جلد واپس وٺي ۽ ڊسمبر ۾ طئي ڪيل ٽارگيٽ ۾ تبديلي جي انگن اکرن جو جائز ورتو وڃي، آءِ ايم ايف چاهي ٿو ته پاڪستان ڊسمبر ۾ طئي ٿيل ٽارگيٽ ۾ گھٽ کان گھٽ انڪار ڪري، ان سان گڏ آءِ ايم ايف بجيٽ لاءِ گڏيل حڪمت عملي تي اتفاق چاهي ٿو. ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف جو واڌ ٿيل پروگرام سيپٽمبر ۾ ختم ٿي رهيو آهي، آءِ ايم ايف اسٽاف سطح تي ڳالهيون مڪمل ڪرڻ لاءِ مئي جي وچ ۾ مشن پاڪستان موڪليندو، پاڪستان آءِ ايم ايف کي واڌ ٿيل پروگرام هڪ سال وڌائڻ جي درخواست ڪئي آهي ۽ آءِ ايم ايف پروگرام کي هڪ سال جي لاءِ واڌئڻ تي رضامند ٿي ويو آهي. ذريعن موجب آءِ ايم ايف سان ڳالهين ۾ اتفاق ٿيو آهي ته اڳوڻي حڪومت جي فيول، تيل ۽ بجلي تي سبسڊي واپس ورتي ويندي، مشن اچڻ کان اڳ تيل ۽ بجلي جي قيمتن ۾ واڌ ڪئي ويندي، ستين ريويو تي اتفاق ٿيڻ کانپوءِ آءِ ايم ايف بورڊ کي موڪليو ويندو، جنهن کانپوءِ آءِ ايم ايف بورڊ پاڪستان کي ايندڙ قسط جي منظوري ڏيندو. ياد رهي ته پاڪستان سان آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بينڪ جي سالياني ميٽنگ واشنگٽن ۾ ٿي رهي آهي، جنهن ۾ ناڻي وارو وفاقي وزير مفتاح اسماعيل پاڪستان جي نمائندگي ڪري رهيو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *