آءِ ايم ايف ٽيڪس شرطن کان پوئتي هٽڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف ۾ ڳالهيون جاري آهن ۽ ٽيڪس شرطن تي انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ پوئتي هٽڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. ذريعن موجب آءِ ايم ايف پاڪستاني اختيارين کان بجيٽ ۾ 700 ارب رپين جو واڌو ٽيڪس لڳائڻ جو مطالبو ڪيو آهي، آءِ ايم ايف، ايف بي آر کان 700 ارب رپين جو ٽيڪس پلان گهري ورتو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان جو پاليسي قدمن ذريعي واڌو ٽيڪس لڳائڻ جو پلان آهي، نون قدمن ذريعي ٽيڪس آمدني وڌائڻ جو پلان پيش ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب آءِ ايم ايف ٽيڪسن جي حوالي سان شرط نرم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي ۽ عالمي مالياتي ادارو ايف بي آر جو ٽارگيٽ 5200 ارب رپين کان وڌيڪ مقرر ڪرڻ چاهي ٿو. ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت بجلي ۽ گئس وڌيڪ مهانگي ڪرڻ جا آءِ ايم ايف جا شرط مڃي ورتا آهن، بجلي ۽ گئس جي مد ۾ 340 ارب رپيا ٽن ورهين ۾ واهپيدارن جي کيسن مان ڪڍيا ويندا، حڪومت نيپرا ۽ اوگرا کي بجلي ۽ گئس جا اگهه مقرر ڪرڻ لاءِ خود مختيار بڻائڻ تي رضامندي ظاهر ڪري ڇڏي آهي. ذريعن موجب حڪومت ننڍن واهپيدارن کانسواءِ سڀني لاءِ سبسڊي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، صنعتي واهپيدارن ۾ رڳو ايڪسپورٽ انڊسٽري کي محدود سبسڊي ڏني ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *