آءِ ايف ايم جو شرط پورو ڪري 350 ارب رپين جي ٽيڪس ڇوٽ واپس وٺنداسين: شوڪت ترين

ڪراچي(م ڊ) ناڻي واري صلاحڪار سينيٽر شوڪت ترين چيو آهي ته حڪومت 12 جنوري کان اڳ انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) جون شرطون پوريون ڪندي، ذريعن موجب وفاقي حڪومت ترميمي فنانس بل اڱاري 28 ڊسمبر تي قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪندي، ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف جي هڪ ارب ڊالرن جي قرض جي قسط ترميمي فنانس بل سان مشروط آهي جڏهن ته فنانس بل سان گڏ اسٽيٽ بئنڪ جي خودمختاري بل به اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويندو.، ٻئي طرف ناڻي واري صلاحڪار سينيٽر شوڪت ترين چيو آهي ته ڇهين جائزو رپورٽ 12 جنوري تي آءِ ايم ايف جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جي اجلاس ۾ پيش ڪئي ويندي. شوڪت ترين جو چوڻ آهي ته پاڪستان 12 جنوري کان اڳ آءِ ايم ايف جون شرطون پوريون ڪندو، ترميمي فنانس بل ۾ 350 ارب رپين جي ٽيڪس ڇوٽ واپس ورتي ويندي، ان حوالي سان ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف جي شرط اها آهي ته ترميمي فنانس بل اسيمبلي مان پاس ڪرائڻ ضروري آهي ان ڪري ترميمي فنانس بل آرڊيننس مان لاڳو نه ٿيندو

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *