گلوڪاره عابده پروين کي دبئي ۾ ايمبيسيڊر ايپريسيئيشن ايوارڊ ڏنو ويو

دبئي (شوبز نيوز) پاڪستاني گلوڪاره عابده پروين کي دبئي ۾ ايمبيسيڊر ايپريسيئيشن ايوارڊ ڏنو ويو. سڌ سماءَ وارن ذريعن موجب دبئي ۾عابده پروين کي اهو ايوارڊ ڏيڻ لاءِ هڪ پروقار تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن جو مقصد بين الاقوامي پليٽ فارم تي عابده پروين جي موسيقي کي خراج تحسين پيش ڪرڻ هو. ان موقعي تي خاص وزير جاويد ملڪ چيو ته عابده پروين صوفيانه ڪلام ۾ امن، انسانيت ۽ محبت جو پيغام جنهن خوبصورت انداز م عالمي سطح تي متعارف ڪرايو آهي. ان سان پاڪستان ۽ اسلام جو امن پسند چهرو دنيا ۾ وڌيڪ اجاگر ٿيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *