گلوڪاره حميره چنا ڀارتي فلمن ۾ قسمت آزمائڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو

لاهور (شوبز نيوز) نالي واري گلوڪاره حميره چنا مقامي فلمن ۾ گانا ڳائڻ کان پوءِ هاڻي ڀارتي فلمن ۾ پنهنجي قسمت آزمائڻ جو فيصل و ڪيو آهي. ان ڏس ۾ حميره چنا ڀارت ۾ پنهنجن ذريعن سان رابطا شروع ڪري ڇڏيا آهن. سندس شمار پاڪستان جي مشهور گلوڪارائن ۾ ٿيندو آهي ۽ هن ماضيءَ ۾ ڪيترائي سپر هٽ گانا پڻ مختلف پاڪستاني فلمن لاءِ ڳايا آهن. حميره چنا، اردو، سنڌي ۽ پنجابي زبانن ۾ گيت ڳائي چڪي آهي ۽ هاڻي هوءَ ڀارتي فلم انڊسٽري ۾ پنهنجي آواز جو جادو جاڳائڻ چاهي ٿي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *