گبر از بيڪ ۾ اڪشي ڪمار سان ڪم جو تجربو سٺو رهيو: شروتي هاسن

ممبئي (شوبز نيوز) اداڪاره شروتي هاسن چيو آهي ته هوءَ جڏهن پنهنجو پاڻ کي آئيني ۾ ڏسندي آهي ته ان کي پاڻ ۾ والدين جو عڪس نظر ايندو آهي، شروتي پنهنجي ايندڙ فلم گبر از بيڪ جي حوالي سان ڳالهيون ڪندي چيو ته فلم ۾ اڪشي ڪمار سان گڏ ڪم ڪرڻ جو تجربو سٺو رهيو ۽ هو ڄاڻي ٿو ته ٻين جي صلاحيتن کي ڪيئن ٻاهر آڻبو آهي، هن چيو ته هن کي اداڪاري وانگر ڳائڻ به پسند آهي، هن چيو ته هو هن کي لڳي ٿو ته هن ۾ پنهنجي والده ساريڪا ۽ والد ڪمل هاسن جهڙي اداڪاري واريون صلاحيتون موجود آهن، هن چيو ته سندس خواهش آهي ته جڏهن ان جي شادي ٿئي ته جلد ئي ٻار به ٿي وڃن ۽ هو مصروف ٿي وڃي، شروتي چيو ته جيڪڏهن سندس شادي فلمي شخصيت سان ٿي ته ان ۾ ڪو به حرج ناهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *