ڪنگنا کي 2010ع جي فيشن جو ايوارڊ به ڏنو ويو

نئين دهلي (شوبز نيوز) هڪ ڏينهن اڳ ڪنگنا رناوت پنهنجي 28 هين سالگره ملهائي، پر کيس ڪجھه دير کان پوءِ ڪيريئر جي ٻئي نيشنل ايوارڊ سان نوازيو ويو، ڪنگنا رناوت جي فلم ”ڪوئين“ کي بيسٽ فلم جو ايوارڊ جڏهن ته ڪنگنا کي بيسٽ اداڪارا جي ايوارڊ سان نوازيو ويو، کيس 2010ع جي فيشن جو ايوارڊ به ڏنو ويو. جڏهن ته بيسٽ هندي فيچر فلم لاءِ ڊائريڪٽر وڪاس بهل کي به نيشنل ايوارڊ سان نوازيو ويو. وجي کي به بيسٽ ايڪٽر جو ايوارڊ ڏنو ويو، جڏهن ته فلم ”حيدر“ لاءِ شاهد ڪپور، بيسٽ موسيقي ڊائريڪٽر جو ايوارڊ وشال ڀردواج، ۽ بنگالي فلمساز سرجيت مکرجي کي بيسٽ ڊائريڪٽر جو ايوارڊ، پريانڪا چوپڙا جي فلم ”ميري ڪوم“ کي بهترين مشهور فلم جو ايوارڊ سان نوازيو ويو. مڙني ايوارڊ کٽيندڙن کي نئين دهلي ۾ رٿيل تقريب دوران ڀارت جي صدر پرناب مکرجيءَ ايوارڊن سان نوازيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *