ڪلاسڪ ڳائڻي استاد سلامت علي خان جي 14 هين سالگرهه ملهائي وئي

لاهور (ڪلچرل نيوز) موسيقيءَ جي لحاظ کان پاڪستان جا مشهور گھراڻي شام چوراسي جي ڪلاسڪ ڳائڻي استاد سلامت علي خان جي 14 هين سالگرهه ملهائي وئي. ناليواري موسيقار ۽ ڳائڻي استاد سلامت علي خان 12 سيپٽمبر 1934ع تي شام چوراسي ضلعي هوشيار پور ۾ ڄائو، هن پنهنجي وڏي ڀاءُ استاد نزاڪت علي خان سان گڏجي پنهنجي والد استاد ولايت علي خان کان موسيقيءَ جي تربيت ورتي. استاد سلامت علي خان پنهنجي وڏي ڀاءُ نزاتڪ علي خان سان پهريان ڪلاسڪ پرفارمنس سان چاهيندڙن جون دليون کٽيون. هن پنهنجي فرزند استاد شرافت علي خان تي تمام گھڻي محنت ڪئي ۽ ٻئي پٽ شفقت علي خان جي صورت ۾ ناليوارو ڳائڻو پيدا ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو. ڪافي ۽ ٺمري تي مهارت رکندڙ ڳائڻي کي پنهنجي گھر ۾ حضرت خواجه غلام فريد جي ملتاني ڪافيءَ کي نئون ڪلاسيڪي انگ ڏيڻ جو شرف به مليو. استاد سلامت علي خان کي پنج پٽيه ڳائڻي جي لقب سان به ياد ڪيو ويندو آهي. استاد سلامت علي خان کي پاڪستان حڪومت پاران تمغه امتياز سان به نوازيو ويو. ڪلاسيڪي موسيقيءَ جو شان چورائيندر استاد سلامت علي خان 11 جولاءِ 2001ع تي فوت ٿي ويو

 

Author: Tariq Sandilo

1 thought on “ڪلاسڪ ڳائڻي استاد سلامت علي خان جي 14 هين سالگرهه ملهائي وئي

  1. اسلام عليڪم، سائين 2 سال اڳ اڄوڪي تاريخ تي اوهان لنڪ رکي ته اڄ استاد سلامت علي خان جي 14 هين سالگراھھ ملهائي وئي، ڇا استاد سلامت علي خان ننڍڙي عمر جو هو؟؟؟

Leave a Reply to زبير احمد لوهار Cancel reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *