ڪشميري ٻوڏ متاثرن لاءِ عامر خان ۽ اميتاڀ بچن ميدان ۾ اچي ويا

ممبئي (شوبز نيوز) ڪشمير ۾ آيل تازي ٻوڏ جي متاثر ماڻهن جي مدد لاءِ عامر خان ۽ اميتاڀ بچن جهڙا مشهور بالي ووڊ اداڪار سامهون آيا آهن هم هين اميد ڪشمير نالي جي هن تقريب ۾ آسام جي ٻوڏ ۽ وشاکا پٽنم ۾ حدحد طوفان سان متاثرن جي لاءِ به امداد جي ڳالهه ڪئي ويئي فنڊ گڏ ڪرڻ واري تقريب ۾ عامر خان کان علاوه اداڪار فرحان اختر ۽ اداڪاره پرينڪا چوپڙا به شرڪت ڪئي تقريب ۾ مشهور اداڪارن متاثرن جي امداد ۽ آفت سٽيل علائقن جي اڏاوت لاءِ ڀرپور تعاون جي اپيل ڪئي. ڀارتي اخبار موجب ان کان اڳ اميتاڀ بچن چيو هو ته جڏهن به اسان ڪشمير جي ڳالهه ڪيون ٿا ته آسام جي ڳالهه ڪيون ٿا ته مان سوچان ٿو ته ڪٿي اسان جي وطن کي تڪليف پهتي آهي ۽ مان جيڪو به ڪري سگهان ٿو ڪندس

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *