ڪرن کير اداڪار عامر خان کان فلم ”پي ڪي” جي ڪامياب بزنس تي خاص تحفو گهري ورتو

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره ڪرن کير اداڪار عامر خان کان فلم ”پي ڪي” جي ڪامياب بزنس تي خاص تحفو گهري ورتو آهي. ڀارت جي سڌ سماءَ وارن ذريعن مطابق اداڪار عامر خان جي فلم ”پي ڪي” رڳو ڀارت ۾ 300ڪروڙ ڪمايا آهن ۽ اها پهرين فلم آهي جنهن ڀارت ۾ ايڏو بزنس ڪيو آهي. فلم جي ڪاميابي نوان رڪارڊ قائم ڪيا آهن. ڪرن کير عامر خان کي فلم جي ڪامياب بزنيس تي نه رڳو مبارڪون ڏنيون آهن پر کانئس خاص تحفو به گهري ورتو آهي جنهن تي عامر خان ڪرن کير سان واعدو ڪيو آهي ته هو پاڻ کيس بازار وٺي ويندو ۽ کيس دل گهريو تحفو ڏياريندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *