ڪرشما ڪپور ۽ سنجي جي طلاق وارو معاملو عدالت به حل نه ڪري سگهي

ممبئي(شوبز نيوز)بالي ووڊ اداڪاره ڪرشما ڪپور ۽ دلي جي صنعتڪار سنجي ڪپور جي طلاق وارو معاملو عدالت به حل نه ڪري سگهي جج ڌرين کي معاملو پاڻ حل ڪرڻ لاءِ بن مهينن جي مهلت ڏئي ڇڏي، بالي ووڊ اداڪاره ڪرشما ڪپور ۽ سنجي ڪپور جي شادي ۾ ڪيترن ئي لاهن چاڙهن کانپوءِ ٻنهي ڇهه مهينا پهريان طلاق لاءِ عدالت سان رابطو ڪيو هو ڪيس جي آخري ٻڌڻي دوران ڪرشما ۽ سنجي ۾ ڌيئرن جي ڪفالت واري معاملي تي اختلافن کانپوءِ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي جج بحث ۽ تڪرار کان تنگ اچي ڌرين کي چيو ته هو ٻن مهينن اندر معاملي کي ڪورٽ کان ٻاهر طئه ڪن ان کان اڳ پهرين ڌيءَ جي پيدائش کانپوءِ به ڪرشما ڪپور ۽ سنجي ڪپور ۾ عليحدگي ٿي هئي جڏهن ته ٻنهي جي راضپي سان معاملو حل ڪيو ويو هو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *