ڪترينه ڪيف پرخلوص انسان آهي: اشنوڪا شرما

ممبئي(شوبز نيوز) اداڪاره انوشڪا شرما چيو آهي ته ڪترينه ڪيف هڪ پرخلوص انسان آهي. انوشڪا جيڪا ان کان اڳ به ڪيترائي ڀيرا ڪترينه جي تعريف ڪري چڪي آهي. هاڻي به پنهنجي تازي انٽرويو ۾ چيو آهي ته ڪترينه هوءَ سڄي ۽ پرخلوص انسان آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ انوشڪا چيو ته بالي ووڊ مان حسدن کي ختم ڪرڻ ممڪن نه آهي. هن چيو ته هوءَ انڊسٽريءَ ۾ عاليه بٽ، پريانڪا ۽ ڪترينه جي تمام گهڻي عزت ڪندي آهي. فلم ”جب تڪ هي جان“ جي شوٽنگ دوران هن ڪترينه کي ويجهو کان ڏٺو آهي، هوءَ هڪ پرخلوص شخصيت جي مالڪ آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *