ڪترينه ڪيف ”ووگ انڊيا ميگزين“ جي زينت بڻجي وئي

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره ڪترينه ڪيف ”ووگ انڊيا ميگزين“ جي زينت بڻجي وئي آهي. سڌ سماءَ جي ذريعن مطابق بالي ووڊ ڪترينه ڪيف ”ووگ انڊيا ميگزين“ ڊسمبر ايڊيشن جي زينت بڻجي وئي آهي. هن کي سونهري رنگ جا ڪپڙا پاتل آهن، جنهن ۾ هوءَ تمام گهڻي پُرڪشش نظر اچي رهي آهي. ان ميگزين جي خصوصي ايڊيشن ۾ ڪترينه جي محبتن جا قصا به لکيا ويا آهن، جڏهن ته ان ميگزين جلد ئي مارڪيٽ ۾ ملندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *