ڪاميڊي ليجنڊ اداڪار رنگيلا کي اسان کان وڇڙي 10 سال گذري ويا

لاهور(شوبز نيوز): برصغير جي ڪاميڊي ليجنڊ رنگيلي جي اڄ 10 هين ورسي ملهائي پئي وڃي. پاڪستان سلور اسڪرين جو ڪاميڊي ليجنڊ اداڪار رنگيلا کي اسان کان وڇڙي 10 سال گذري ويا. قدرت رنگيلي کي اهڙي شڪل ۽ صورت سان نوازيو، جنهن جي انگ انگ مان مشڪري سمايل هئي. رنگيلي جي پردي ۾ ايندي ئي سنيما هال ۾ ٽهڪڙا مچي ويندا هئا. فلم ڏسندڙن جا چهرا خوشي سان مهڪي ويندا هئا. رنگيلا جي ذمي انسانن کي خوشيون ورهائڻ جو ڪم سونپيو ويو هو. جيڪو ڪم هن پوري زميواري سان نڀايو. تعليم کان محروم رنگيلي کي قدرت واري وڏو ذهن عطا ڪيو. هو مقبول ترين ڪاميڊين کان سواءِ ڪامياب گلوڪار، موسيقار، هدايتڪار، ۽ فلمساز به هو. حڪومت ڪيترن ئي وڏن اعزازن سان پڻ نوازيو. رنگيلي ۽ منور ظريف جي جوڙي تمام گهڻي مقبول هئي. اڄ رنگيلي جي 10 ورسي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *