ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي مهم جو حصو ٿيڻ تي خوشي آهي: بپاشا باسو

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره بپاشا باسو ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت متعلق آگاهي مهم ”پنکاٿون“ جي 3 سالن کان حصو ٿيڻ تي خوشيءَ جو اظهار ڪيو آهي. سڌ سماءَ جي ذريعن موجب بالي ووڊ اداڪاره بپاش باسو ڇاتيءَ جي ڪينسر متعلق آگاهي مهم ”پنکاٿون“ سان 3 سالن کان لاڳاپيل آهي. ان حوالي سان هن چيو ته ”پنکاٿون“ هڪ اهم پليٽ فارم آهي جيڪو انهن عورتن جي حوصلا افزائي ڪندو آهي جيڪي ان بيماريءَ سان جنگ ڪري رهيا آهن انهن کي گهرجي ته ان حوالي سان ڳالهيون ڪري ماڻهن ۾ شعور اجاگر ڪن ته جيئن وقت تي احتياط ڪري ان بيماريءَ کان بچاءُ ممڪن ٿي سگهي ۽ جيڪي عورتون ان بيماريءَ ۾ مبتلا ٿي چڪيون آهن ته شروعاتي مرحلي ۾ ئي ان بيماريءَ جي تشخيص ڪرڻ لاءِ علاج ڪرائين ته جيئن هو اڳتي هلي صحتمند زندگي گذاري سگهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *