چيف سليڪٽر معين خان ڊسيپلين جي ڀڃڪڙي ناهي ڪئي: پي سي بي چيئرمين

لاهور(اسپورٽس نيوز) پي سي بي چيئرمين شهريار خان جو چوڻ آهي ته معين خان سان ملاقات ۾ جوا خاني وڃڻ تي ڊهگي ڳالهه ٻولهه ٿي جنهن کانپوءِ فيصلو ڪيو ته هن ڊسيپلين جي ڀڃڪڙي ناهي ڪئي ان ڪري معاملو هاڻ ختم ٿي ويو، پي سي بي جي هيڊڪوارٽر ۾ قومي ٽيم جي چيف سليڪٽر معين خان شهريار خان سان ملاقات ڪئي جنهن کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي پي سي بي چيئرمين جو چوڻ هو ته معين خان سان 40 منٽن تائين جاري رهندڙ ملاقات دوران ڪسينو وڃڻ جي معاملي تي ئي ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ ان کان وضاحت طلب ڪئي جنهن ۾ هن جو چوڻ هو ته گهرواري سان گڏ جوا خاني ۾ صرف ماني کائڻ ويو هوس جڏهن ته ڪابه جوا ناهي کيڏي ۽ غلطي جو احساس ٿيڻ تي قوم کان معافي به گهري آهي هن چيو ته آسٽريليا جي اڪثر هوٽلن ۾ جوا خانا هوندا آهن ۽ اسان سمجهون ٿا ته معين خان ضابطه اخلاق جي ڪابه ڀڃڪڙي ناهي ڪئي ان لاءِ معاملو هاڻ ختم ٿي چڪو آهي. پي سي بي چيئرمين چيو ته معين خان پنهنجي عهدي تي برقرار آهي ۽ ان حوالي سان ورلڊ ڪپ کانپوءِ ڏسنداسين پر هو آسٽريليا نه پيو وڃي پرڏيهي ٽيمن جي پاڪستان اچڻ جي حوالي سان شهريار خان جو چوڻ هو ته هالينڊ، آئرلينڊ ۽ نيپال جون ٽيمون پاڪستان اينديون ۽ اميد آهي ته ننڍين ٽيمن کانپوءِ وڏيون ٽيمون به پاڪستان جو دورو ڪنديون جڏهن ته پاڪستان سيڪيورٽي خدشن سبب بنگلاديش وڃي سيريز نه ٿو کيڏي سگهي ۽ گڏيل عرب امارات ۾ هلندڙ سال ڊسمبر ۾ پاڪ ڀارت ميچز بابت ايم او يوز تي صحيحون به ٿي ويون آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *