چاڪليٽ گرل نمرت ڪور ”ايئر لفٽ” ۾ اڪشي ڪمار جي هيروئن بڻبي

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ فلم ”لنچ باڪس“ مان مشهوري ماڻيندڙ اداڪاره نمرت ڪور پنهنجي نئين فلم ۾ اڪشي ڪمار جي هيروئن بڻبي. لنچ باڪس ۾ ديسي روپ ۾ نظر اچڻ بعد نمرت ڪور ڪيڊبري چاڪليٽ جي اشتهار ۾ ويسٽرن اسٽائل ۾ نظر آئي ۽ ان اشتهار کيس وڌيڪ مشهور ڪري ڇڏيو. نمرت ڪور ٻڌايو ته هوءَ فلم ”ايئر لفٽ“ ۾ اڪشي ڪمار سان نظر ايندي. نمرت مطابق ايئر لفٽ جي ڪهاڻي حقيقت جي زندگي جي واقعي تي ٻڌل آهي ۽ فلم جي شوٽنگ ابو ظهبي ۾ شروع ٿيندي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *