چاڪليٽ هيرو وحيد مراد جي 31 هين ورسي آچر تي ملهائي ويندي

لاهور(شوبز نيوز) پاڪستان فلم انڊسٽري ۾ پنهنجو الڳ انداز رکندڙ هيرو وحيد مراد جي 31 هين ورسي 23 نومبر آچر تي ملهائي ويندي. هڪ خانگي ٽي وي چئنل جي رپورٽ مطابق وحيد مراد پهرين آڪٽوبر 1938ع ۾ سيالڪوٽ ۾ جنم ورتو ۽ پنهنجي فني ڪيريئر جي شروعات 1962ع ۾ ”اولاد” نالي فلم سان ڪئي پر 1967ع ۾ رليز ٿيل فلم ”ارمان” کيس شهرت جي بلندين تي پهچائي ڇڏيو. وحيد مراد پنهنجي مخصوص هير اسٽائل سبب تمام گهڻو مشهور ٿيو. کيس مردن کان وڌيڪ عورتون پسند ڪنديون هيون جنهن سبب کيس ”چاڪليٽ هيرو” جو خطاب مليو. وحيد مراد 23 نومبر 1983ع تي دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو هو. سندس مشهور فلمن ۾ اولاد،هيرا اور پٿر، ارمان، انسان بدلتا هي، ڪنيز، سمندر، دل ميرا دهڙڪن تيري، نيند هماري خواب تمهاري، پرکهه،جب جب پهول کهلي، شمع، پهول ميري گلشن ڪا، آهٽ ۽ هيرو شامل آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *