ڀارتي نه پاڪستاني فلمن ۾ ڪم ڪري خوشي ٿيندي: ناديه حسن

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) هڪ ڊگهي وقت کانپوءِ پاڪستان ۾ فلمن جي شروعات ٿي آهي،خوشي جي ڳالهه اها ته اهي ماڻهو جيڪي رڳو ٽي وي تي پروگرام ڪندا هئا انهن پاڪستان ۾ فلم انڊسٽري جي بحاليءَ ۾وڏو اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ انهن جي ئي ڪوششن سان اڄ اسان جي ملڪ ۾ سٺيون ۽ معياري فلمون ٺهي رهيون آهن، اهو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته جلد ئي پاڪستان ۾ بهترين ۽ معياري فلمون ٺهنديون، اسان جي فنڪارن کي ڀارتي فلمن ۾ ڪرڻ بدران پاڪستاني فلمن ۾ ڪم ڪري ان کي پروموٽ ڪرڻ گهرجي. اها ڳالهه پاڪستان جي مقبول ماڊل ۽  ٽي وي اداڪارا ناديه حسن پنهنجي ٽي وي تي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ ڪئي.هن چيو ته مون کي ڀارتي نه پر پاڪستاني فلمن ۾ ڪم ڪري سٺو لڳندو ۽ خوشي ٿيندي، ڇو ته هن وقت جڏهن ته پاڪستان ۾ فلم انڊسٽري پنهنجا پير ڄمائي رهي آهي اسان کي ان جي ڀرپور سپورٽ ڪرڻ گهرجي. هن چيوته مون کي جيڪڏهن ڪو سٺو ڪردار يا پروجيڪٽ مليو ته مان فلم ۾ ضرور ڪم ڪندس.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *