ڀارتي سپريم ڪورٽ عامر خان جي فلم ”پي ڪي“ تي پابندي جي درخواست خارج ڪري ڇڏي

نئين دهلي(شوبز نيوز): ڀارتي سپريم ڪورٽ اداڪار عامر خان جي نئين فلم پي ڪي تي پابندي لڳائڻ جي درخواست اهو چئي رد ڪري ڇڏي ته جنهن کي فلم پسند ناهي اهو ان کي نه ڏسي، داخل ڪيل درخواست ۾ ان کي مذهبي جذباتن کي نقصان پهچائڻ واري ڪهاڻي رکڻ تي چئلينج ڪيو ويو هو جڏهن ته عدالت فلم تي پابندي لڳائڻ کان انڪار ڪندي درخواست ئي خارج ڪري ڇڏي آهي، ڀارت ۾ اڄ ڪلهه نئين ايندڙ فلم تي مذهبي جذباتن کي مجروح ڪرڻ جي سبب تنقيد کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ۽ فلم ٺاهيندڙن خلاف ايف آءِ آر به داخل ڪرائي وئي آهي پر ان تازي فيصلي کانپوءِ معاملو طئه ٿي ويو آهي  فلم ڪهاڻي مذهبي جذبن کي هرگز نقصان نٿي پهچائي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *