ڀارتي سپريم ڪورٽ سلمان خان کي پرڏيهه وڃڻ کان روڪي ڇڏيو

نئين دهلي(شوبز نيوز)ڀارت جي سپريم ڪورٽ غير قانوني طور شڪار جي ڏوهه ۾ بالي ووڊ سپر اسٽار سلمان خان کي ڏنل سزا خلاف راجسٿان هاءِ ڪورٽ جي حڪم کي ڪالعدم قرار ڏيندي ان کي پرڏيهه وڃڻ کان روڪي ڇڏيو ڀارتي ميڊيا رپورٽن مطابق ڀارتي سپريم ڪورٽ راجسٿان هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيندي ڪيس جي پاڻمرادي ٻڌڻي جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي سپريم ڪورٽ سلمان خان کي چيو ته جيڪڏهن ان لاءِ پرڏيهه سفر ڪرڻ ضروري آهي ته هو راجسٿان هاءِ ڪورٽ سان ان حوالي سان رابطو ڪري سگهي ٿو عدالت کي درخواست ڪري سگهجي ٿي ته جيڪڏهن ان جي سزا تي عملدرآمد نه روڪيو ويو ۽ ان کي ڏوهي قرار ڏنو ويو ته ان کي تمام گهڻو نقصان پهچندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *