ڀارتي اسٽارز انوشڪا جي ٽٽل دل کي دلاسو ڏيڻ لڳا

ممبئي(شوبز نيوز): ورلڊ ڪپ جي سيمي فائينل ۾ هڪ شڪست تي جيڪو حال انوشڪا جو ٿيو، اهو سڀ ڪنهن کي غلط لڳو، سشميتا لکيو آهي، ته انوشڪا ميچ ۾ پنهنجي دوست ويرات ڪوهلي کي سپورٽ ڪندي سٺو لڳو، جيڪي ان کي قصوروار چون ٿا، اهي ڪرڪيٽ ڏسڻ ڇڏي ڏين، ديا مرزا چيو ته ڀارت جي شڪست ناقابل برداشت هئي، پر انوشڪا کي ذميدار چوڻ تمام غلط آهي، پريانڪا به ڊائيلاگ هنيو، ته انوشڪا ته صرف ويرات ڪوهلي جي حمايت ڪرڻ وئي هئي، پر تماشاين شڪست تي جيڪو حال ان جو ڪيو اهو غلط هو، بپاشا باسو چوڻ لڳي ته، جيڪڏهن قوم پوري ٽيم کي سپورٽ ڪري سگهي ٿي ته ، هڪ رانديگر جي دوست ڇو نه؟ ڀارتي ٽينس ڪوئن ثانيا مرزا طعنو ڏيندي چيو ته، هاڻي هارايو آهي ته انوشڪا ڌيان هٽايو، پر جڏهن سينچري ٺاهي ٿو ته ان جو ڇا؟

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *