ڀارتي اداڪاره وديا بالن جا هڪ ٽي وي ڊانس شو ۾ جج بڻجڻ جا امڪان وڌي ويا

ممبئي (شوبز نيوز) ڀارتي اداڪاره وديا بالن جا هڪ ٽي وي ڊانس شو ۾ جج بڻجڻ جا امڪان وڌي ويا آهن، ڀارتي ميڊيا مطابق پروڊيوسر ايڪتا ڪپور جيڪا ٽي وي شو ”نچ بليي“ جي سيزن 7 کي به پروڊيوس ڪري رهي آهي، ان شو ۾ وديا بالن جي جج طور شامل ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪئي آهي، پروڊيوسر جو چوڻ آهي ته اهو نالو فقط وديا بالن جو ئي آهي، ليکڪ چيتن ڀڳت اڳ ان شو جي جج پينل جو حصو هو، جڏهن ته ايڪتا اداڪاره وديا کي شو جي جج بڻجڻ جي آڇ ڪئي آهي ۽ امڪان آهي ته هوءَ ان لاءِ جلد راضپو ظاهر ڪندي، واضح رهي ته اهو شو جلد ڀارتي ٽي وي چينل تان آن ايئر ٿيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *