ڀارتي اداڪارا پريتي گپتا انٽرنيٽ تي پنهنجون فحش تصويرون ليڪ ٿيڻ واري مامري تي پريشان

لنڊن (شوبز نيوز) ڀارتي اداڪارا پريتي گپتا انٽرنيٽ تي پنهنجون فحش تصويرون ليڪ ٿيڻ واري مامري تي پريشان آهي ۽ سندس چوڻ هو ته اهو عمل سندس نِجي زندگيءَ ۾ دخل برابر آهي ۽ حڪومت کي اهڙن مامرن جو نوٽيس وٺڻ گھرجي. مشهور سوپ سيريزل ”ڪهاني گھر گھر ڪي“ کان مشهوري ماڻيندڙ پريتي گپتا تازو ئي بالي ووڊ ۾ قدم رکيو هو. سندس پهرين فلم ”اَن فرينڊ“ به فحش مواد جي ڪري ڀارت ۾ پابنديءَ جو شڪار ٿي چڪي آهي. ڄاڻايل تصويرو به ان ئي فلم جون ٻڌايون پيون وڃن. پريتي گپتا جو چوڻ هو ته حڪومت فلمون سينسر ڪرڻ ۽ انهن تي پابندي لڳائڻ بدران اهڙن مامرن تي ايڪشن وٺي. عوام ۾ عقل آهي، هو ڄاڻي ٿو ته کين ڇا ڏسڻ ۽ ڇا نه ڏسڻ گھرجي. ان جي لاءِ حڪومت کي گھرجي ته هو سينسر جو اختيار پنهنجي عوام جي هٿ ۾ ڏئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *