پي ٽي وي لاهور سينٽر جي پنجابي اسٽيج شو ”جي آيا نون“ جي رڪارڊنگ 17 نومبر تي شروع ٿيندي

لاهور (شوبز نيوز) پي ٽي وي لاهور سينٽر تي 17 ۽ 18 نومبر تي پنجابي اسٽيج شو ”جي آيا نون“ جي رڪارڊنگ ٿيندي، پروڊيوسر الياز چوڌري چيو ته پروگرامن جي رڪارڊنگز ۾ مشهور ٽي وي فنڪار ذولقرنين حيدر، شاهده مني کان علاوه ڪيترائي نوان فنڪار شرڪت ڪندا. پروگرام ”جي آيا نون“ جو ڪمپيئر ياسر قريشي ۽ حنا سحر آهي، اهو پروگرام 15 ڏينهن جو آهي ۽ اهو ڊرامو هفتي وار پيش ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *