پي ٽي وي سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي سڃاڻپ آهي: قوي خان

لاهور(شوبز نيوز)پي ٽي وي لاهور جي پهرين ڊائريڪٽر ۽ پرائيڊ آف پرفارمنس حاصل ڪندڙ سينيئر اداڪار محمد قوي خان چيو پي ٽي وي سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي سڃاڻپ آهي. پي ٽي وي لاهور جي 50هين سالگره تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته سڄي دنيا ۾ ڪنهن به سرڪاري ادار ۾ 30 کان 35 سال ڪم ڪرڻ کانپوءِ رٽائرمينٽ ملي ويندي آهي مون کي فخر آهي ته 50 سال گذرڻ باوجود اڄ به پي ٽي وي ٻين چئنلن تي ڪم ڪري رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي وي اڄ به اسان جي لاءِ وڏي ۽ محترم درسگاهه آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *