پيار،پيار ۽ رڳو پيار، اداڪاره ريکا پيار کي پنهنجي جواني جو راز قرار ڏئي ڇڏيو

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار ريکا پيار کي پنهنجي جواني جو راز قرار ڌئي ڇڏيو. سندس سدا بهار جواني مداحن جي اندر اهو ڄاڻڻ جو تجسس پيدا ڪري ڇڏيو آهي ته آخر هوءَ ڪري ڇا ٿي جو ايڏي عمر جي ٿيڻ باوجود خوبصورت، جوان ۽ پر ڪشش نظر اچي ٿي. ريکا اهو راز مداحن لاءِ نيٺ ظاهر ڪري ئي ڇڏيو. سندس چوڻ آهي ته پيار ۽ زندگي گذارڻ جي طريقي ۾ سادگي سندس جواني جو راز آهي. هن ٻچايو ته جڏهن هوءَ صبح جو سوير پنهنجي دل ۽ دماغ ۾ پنهنجي لاءِ محبت ڀري اٿندي آهي ته هر شيءِ سان بي حد پيار ڪندي آهي. سندس خيال ۾ پنهنجي خدا، پنهنجي ماءُ ۽ پاڻ سان سي محبت ڪرڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته محبوب به دغا ڏئي ويندا آهن پر اهي ٽي شيون دغا ناهن ڏينديون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *